اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم ق??ئداعظم محمد علي جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لا??ِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم ق??ئد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم ق??ئداعظم محمد علي جناح ئي اها شخصيت آهي جن??ن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لا??ِ هڪ ويزن رکندو هو جن??ن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ قوم جو يوم ولادت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، قوم جي حيثيت سان اسان جي لا??ِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبوب ??ائداعظم محمد علي جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.