اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پاڪستان جو فائدو قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ ۾ آهي، طاقتور ۽ ڪمزور جي لاءِ هڪ قانون هجڻ گهرجي، مخالف ڌر جو مفاد پاڪستان جي مفاد جي خلاف آهي، عمران خان ڪڏهن به انهن ڦورن کي معاف نه ڪندو، الله جو شڪر ??هي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ت?? انهن جي چونڊ ڪرڻ وارو منهنجو فيصلو بلڪل ٺيڪ هو، ڦورو هنن جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن ت?? ان جو مطلب ??هي ته هي بلڪل ٺيڪ ماڻهو آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين ت?? ڪنهن جون ٽنگون ڏڪن ٿيون ۽ ڪنهن جي مٿي تي پگهر اچي ٿو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز گذريل 15، 20 سالن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي ۽ جرئت سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي محفوظ بڻايو، ان جي ڪري پاڪستان جو اهُو حال نه ??هي جيڪو باقي مسلمان ملڪن جو ٿيو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين انتشار پکيڙڻ جي ڀارتي ڪوششن ۽ منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ گلگت بلتستان جي آزادي پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هڪ مضبوط فوج پاڪستان جي لاءِ ڪيتري ضر??ري آهي، ليبيا کان وٺي صوماليه، يمن ۽ افغانستان ۾ تباهي متل آهي، انهن ملڪن ۾ جنگيون ٿي چڪيون آهن يا ٿي رهيون آهن، انهن ملڪن جي عوام مشڪل ۾ ??هي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.