اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪان??رن?? جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آ??ي اها واکاڻ جوڳي آ??ي، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي دوران پاڪستاني عوام جنهن حوصلي، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آ??ي، هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ برد??شت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.