اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او ??ي) جو دورو ڪيو. اين سي او ??ي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود زمان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وف??قي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وف??قي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف ??يڪ??يٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او ??ي مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وف??قي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر جنرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او ??ي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاس??، اين سي او ??ي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پک??ڙ ۽ وف??قي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.