اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ??رڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ??رڻ جي لاءِ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اس??يڪر چيو ته انب جي روانگي واپار تي مسئلن کي حل ??رڻ جي لاءِ گهرو وزارت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اس??يڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اس??يڪر چيو ته انب جي روانگي واپار لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي واپار گهٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.