اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي ??رآ??د جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها ??رآ??د نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي ??رآ??د تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يق??ني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو وي?? آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يق??ني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو وي?? ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون خت?? ڪيون وينديون.