اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رجب طيب اردوان اسپتال ٽرسٽ جي صحت جي شعبي ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٽرسٽ جي بي سهارا، غر??ب ۽ لاچار ماڻهن کي پناهگاهن ۾ سهولتن ۽ کاڌي جي فراهمي خوش آئنده آهي، سرندي وارن ماڻهن طرفان بيمار، بي سهارا ۽ لاچار ماڻهن جي خد??ت واکاڻ جوڳي آهي. ??ن اها ڳالهه هتي رجب طيب اردوان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرمين خواجه عمر فاروق ۽ فائونڊنگ چيئرمين ميان محمد احسن جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.