اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر ??ال وانگر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وف??قي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن جي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرا?? جوڙيا ويا آهن.