اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چ??و آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري رهي آهي، وزيراعظم ??ي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم ??ي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چ??و ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم ??مران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان کي ان اداري جي بهتري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.