سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ل??ءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ سي??ينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سي??ينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسو??ءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويو آهي. سي??ينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍ?? ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي ل??ءِ تصويري نمائش پڻ لڳائ?? ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي ل??ءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي ل??ءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسو??ءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ نشر ڪيون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن کي اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ پمفليٽ پڻ ورهايا ويندا.