اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڪائونٽنگ ۽ ماحولياتي شعبي سميت ملڪ جي ??ڀني شعبن ۾ ريجنل ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي ٽولز سميت جدت کي اختيار ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ??عليمي نظام ۾ آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي ??ريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيال?? جو اظهار هتي ا??وان صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان (آءِ سي ا?? پي) جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر آءِ سي ا?? پي اشفاق يوسف تولا، نائب صدرن، اڪائونٽنٽ ۽ مالياتي شعبي جي ميمبرن ۽ شاگردن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر فيصلاسازن ۽ ادارن تي زور ڏنو ته اهي هڪ موثر نظام قائم ڪن ته جيئن نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز اختيار ڪرڻ جي لاءِ انهن جي لاڳت جو اندازو لڳائي ا?? جو استعمال يقيني بڻائي سگهجي ۽ ترقي يافته دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ ان کي تيزي سان اختيار ڪرڻ جي لاءِ انتظامي ۽ معاون ڍانچو جوڙيو وڃي. هن سرڪاري شعبي جي لاءِ اڪائونٽنٽ ۽ آٽو ميشن جي ڊبل انٽري جي نظام کي اختيار ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته سڄي دنيا جون معيشتون آءِ سي ٽي ۽ ڊيجيٽل ذريعن جي مدد سان آٽو ميشن تيز رفتار مالياتي ماڊلز ۽ محفوظ ڏي وٺ جي نظام جي ??رف تيزي سان منتقل ٿي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان تي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ سميت تربيت يافته ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي ??رورت آهي ۽ انهن کي پنهنجي ??عليمي نظام ۾ آڻڻ ۽ هائبرڊ سکڻ جي ??ريقن کي اختيار ڪري يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ماڻهن ۽ پيشيور ماڻهن جي ??نگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته روايتي تعليمي نظام جي ??بتڙ هائبرڊ ۽ آن لائين تعليم سان گريجوئيٽس جي ??نگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. هن چيو ته 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام تي به غور ڪرڻ گهرجي ڇو ته صنعت ۽ مارڪيٽ کي هنرمند پيشيور ماڻهن جي ??رورت آهي. صدر وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز جي پروگرام کي ساراهيو، جنهن سڄي پاڪستان ۾ مستحڪم تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ لکين ماڻهن کي ڊيجيٽل مهارتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالياتي ۽ اڪائونٽنگ جي ??عبي سان واڳيل ماهرن تي زور ڏنو ته اهي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ چوري ۽ ٽيڪس کان بچڻ جي ??وصلا شڪني ڪن ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ حڪومت کي منصفاڻي ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته هر ماڻهو جي ??ها اخلاقي ذميواري آهي ته هو هڪ صحتمند معاشري کي وڌائڻ جي لاءِ بدعنواني، ڏوهاري سرگرمين ۽ هراسان ڪرڻ جي ??وصلا شڪني ڪن. صدر چيو ته قانون?? جو لاڳو، انهن جي ??خت ۽ م??صفاڻي لاڳو کي يقيني بڻائڻ، قانون جي مناسب عمل جي ??ريعي ا??صاف جي فراهمي ۽ ماڻهن م خوداحتسابي ۽ تقويٰ جو جذبو معاشري جي ??طح تي بدعنواني جي ??وصلا شڪني جي ??اهه هموار ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آف پاڪستان جي ??در تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ه?? جو ادارو پاڪستان ۾ اڪائونٽنگ جي ??عبي جي ??يگيوليٽري باڊي آهي ۽ ان جا 9 هزار کان وڌيڪ ميمبر آهن، جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آءِ ڪيپ پاڪستان ۾ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي ۽ هو اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان، ايف بي آر ۽ مختلف وزارتن سميت اهم پاليسي ساز ادارن ۽ ريگيوليٽري ادارن سان تعاون ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ صدر اڪائونٽنگ جي مختلف شعبن ۾ امتيازي تعليمي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي گولڊ ميڊل ۽ م??رٽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو.