اسلام آباد – 26 –; سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪا??ٽر حادثي ۾ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي ڪندي چيو ته شهيدن جي لاءِ بلند درجن جي دعا ڪئي آهي. صدر ميجر منيب افضل، ميجر خرم شهزاد، صوبيدا?? واحد، نائب جليل، سپاهي عمران ۽ سپاهي شعيب جي شهادت تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ شهيدن کي انهن جي عظيم قر??انين تي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي.