اس??ام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن واري خاص معاون فهد حسين جي والد برگيڊيئر (ر) جاويد حسين جي ل??ڏا??ي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته والد جو ل??ڏا??و ڪنهن جي لاءِ به وڏو صدمو هوندو آهي، فهد حسين ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.