اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي موضوع تي پلينري سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عو??تن جي نمائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي نمائنده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عو??تن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي جاين تي غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عو??تن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايستائين جو اعليٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص س??ٽن تي عو??تن جي نمائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عو??تن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل س??ٽن تي عو??تن جي نمائندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌي?? ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا سان شامل هوندو. پاڪستان ۾ عو??تن جي شڪايتن جي داخل?? ۽ ??زالي جي لاءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عو??تن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عو??تن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ?? عو??تن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عو??تن جي پارلياماني ڪاڪس پاران شاهده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عو??تن جو حصو 70 سيڪڙو آهي.