نيويارڪ ?? 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي سي او پي 27 جي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سمورين قومن ۽ ماڻهن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي، ان جا اثر واضح ۽ شديد ٿيندا پيا وڃن جنهن جو اظهار پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ مان ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ حصي جي باوجود پاڪستان کي گرمي جي لهرن، برطانوي طوفان، سوڪ??ڙي?? طوفاني برساتن ۽ شديد چوماسي جي صورت ۾ قدرتي آفتون درپيش آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي انساني جانين جي زيان کانسواءِ معاشي نق??ان درپيش آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان جاني ۽ معيشت کي نق??انن سان گڏوگڏ اهم انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نق??ان ٿيو آهي. هن چيو ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نق??ان ٿيو آهي. پرڏيهي وزير هلندڙ مهيني جي شروع ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ مختلف ملڪن جي اڳواڻن پاران ملاقات دوران اظهار ??يل جذبن کي ساراهيو.