اسلام آباد- 02 س??پٽ??بر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيون آهن، ترجمان موجب ا??هن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد ??باد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه ع??دالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه ا??هن ضرورتمند خاندانن تائين پهچي رهي آهي ج??هن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 ??شڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا دٻا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.