سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ويندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرام?? کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هيڊڪوارٽر ??رش?? احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽر ڪاليج?? گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندن?? چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان مذمتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگرد?? کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کات?? کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.