اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم شهباز شريف لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ور??و آهي. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگه?? جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيل?? جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.