اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پي اي?? اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بهاو الدين ذڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي سلمان صوفي جي سربراهي ۾ پي اي?? اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ريفارمز تحت اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ليڊي ريلوي پوليس فورس جي اهلڪارن جون ??يمون ??رين اسٽيشنن تي مقرر ڪيون ??ينديون، ان کانسواءِ عورت مسافرن جي رهنمائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ”سفر سهيلي“ موبائيل اي?? لانچ ڪئي ويندي جڏهن ته پرنٽ ٿيل ٽڪيٽن تي اي?? ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جون ??دايتون ??ونديون ۽ گڏ ئي ٽڪيٽن تي اي??رجنسي نمبر به پرنٽ ڪيو ويندو. ڊگهي سفر لاءِ ريلوي اسٽيشنن تي اي?? آر پي اي?? جي عملي (هڪ عورت سب انسپيڪٽر ۽ 2 عورت ڪانسٽيبل) جون ??يمون جوڙيون وينديون ۽ ٽرينن ۾ مسافرن جي تعداد موجب ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽرينن ۾ اي??رجنسي SOS بٽن نصب ڪيا ويندا، وڌيڪ پاڪستان جي سمورين ريلوي اسٽيشنن تي پوسٽرز، پمفلٽ، هينڊ بلز ۽ اعلانن جي ذريعي عورتن جي حفاظت لاءِ باقاعده آگاهي پروگرام فوري طور تي منعقد ڪيا وڃن، ان کي اليڪٽرانڪ طور تي به نشر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ وڊيو سرويلنس سسٽم (VSS) لڳائڻ سمورين ريلوي اسٽيشنن تي حساس ماڳن تي لڳايو ويندو، سي سي ٽي وي ڪئميرائون ??ر بوگي ۾ (ڪوريڊوز ) ۾ لڳايون ??ونديو?? ا?? کانسواءِ فيس ريڪگنشن ڪئميرا اي?? تيار ڪئي ويندي جيڪا چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي جوابدارن ۽ ان جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽريس ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته آئوٽ سورس ٽرينن جو ٺيڪو ڏيڻ کان پهرين، مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار بابت ايجنسين – خصوصي شاخ کان ڪليئرنس حاصل ڪئي وڃي، وڌيڪ پرائيويٽ ڪمپنين کي پهرين کان ڏنل معاهدن جو جائزو ورتو ويندو ۽ مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار جي جاچ بابت ايجنسين/ خصوصي يونٽس جي ذريعي ڪئي ويندي، گڏ ئي سڀني ٽرينن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا.