اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عه??يد??رن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منص??با??ندي جي وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي سلامتي وا??ي صلاحڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر عه??يد??ر جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پاڪستان جي سفير کي باضابطه خط جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عه??يد??رن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ??اڻايل ملڪ پاران پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پاڪستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي وا??ي شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ?? ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.