اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجيريا جي وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفو تعاون واکاڻ جوڳو آهي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي مان متفقه منظوري سان نسل پرستي ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جو خاتمو ۽ بين المذ??هب هم آهنگي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نائيجيريا جي دفاع واري وزير ميجر ج??رل (ر) بشير صالحي ميگاشي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ قد??ن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي کي ساراهيو. آفريقا ۾ مارچ 2020ع کان نائيجيريا جي معيشت جي ٽاپ پوزيشن سنڀالڻ تي واکاڻ ڪندي ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي به ساراهيو. گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهتمام هيٺ آفريقا ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پراڻي خدمتن ۽ حصيداري کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ”انگيج آفريقا“ جي پنهنجي پاليسي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ آفريقا کنڊ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي، وزيراعظم گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي مان 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ا??ال?? جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي متفقه منظوري کي ساراهيندي چيو ته ج??رل اسيمبلي پاران ان ا??ال?? کانپوءِ نسل پرستي، امتياز ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ بين المذ??هب هم آهنگي جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي نائيجيريا جي صدر محمد بخاري سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو جلد کان جلد موقعو ملڻ ??ي پاڪستان ۾ سندس آجيان ڪندا.