اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد ۾ نيشنل سوشل ميڊيا ڪوآرڊينيشن ورڪنگ گروپ (اين ايس ايم سي ڊبليو جي) سان فيس بڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ ۽ ميسينجر جي بنيادي ڪمپني (ميٽا) جي نمائندن حڪومت جي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن جي سلسلي ۾ قدمن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آڪٽوبر 2021ع ۾ اين ايس ايم سي ڊبليو جي جوڙيو هو ته جيئن ڊيجيٽل پليٽ فارمز سان ڳالهيون ڪري سوشل ميڊيا بابت پاليسين تي ڪم ڪري سگهجي. ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي پڻ ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. ورڪنگ گروپ سان پنهنجي پهرين اجلاس ۾ ميٽا جي نمائندن حڪومت کي پنهنجي انهن قدمن بابت آگاهه ڪيو جيڪي ڊيجيٽل خواندگي، شموليت ۽ ڪم جي اهليت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هنن رابطي، نقصانڪار مواد کي هٽائڻ جي لاءِ ٽولز ۽ سسٽمز، مقامي قانونن، قاعدن ۽ ضابطن جي فريم ورڪ جي تعميل ۽ مقامي مواد ج?? تخليقڪارن جي مدد ڪرڻ جي طريقن جي شعبن ۾ ممڪن گڏيل تعاون جي ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ميٽا جي سمورن پليٽ فارمز سان نقصانڪار ۽ غيرقانوني مواد کي موثر ۽ وقت سر معتدل بڻائڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڏس ۾ طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ ۽ مواد کي معتدل بڻائڻ ۽ مقامي قانونن جي تعميل جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي رضامندي جو اظهار ڪيو. ميٽا جي ميمبرن ڊيجيٽل منظرنامي تي موجودگي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته ميٽا اور ورڪنگ گروپ اڪيڊميا، انڪيوبيشن سينٽرز، اسٽارٽ اپس ۽ ٽيلي ڪام سروسز فراهم ڪندڙن سان حصيداري ڪري پ??ڪستان ۾ ڪميونٽي ليب جي ممڪن قيام تي اتفاق ڪيو. اها ليب ??اڪستان ۾ ڪنيڪٽيويٽي ايڪو سسٽم کي وڌائڻ ۾ مدد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي حل تيار ڪرڻ ۽ جانچن جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ڏيندي. ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ميٽا جي پ??لڪ پاليسي بابت هيڊ صارم عزيز چيو ته ورڪنگ گروپ جي جوڙجڪ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي لاءِ حڪومتي ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ، ويزن ۽ خيالن جي حصيداري ڪرڻ ۽ گهربل ضرورتن جي سلسلي ۾ فوري ڪارروائي کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. اسان وڏي پ??ماني تي اقتصادي ترقي آڻڻ جي لاءِ ڪنيڪٽيويٽي انفراسٽرڪچر ۽ ڊيجيٽل اپ اسڪلنگ پروگرامن ۾ حصيداري ڪريون ٿا ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي پ??ڪستان ۾ پائيدار ڊيجيٽل معيشت بڻائڻ جي پ??ڪستان حڪومت جي ويزن کي ساراهيون ٿا ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ته آن لائين جايون محفوظ، آزاد ۽ پاڪستان ۾ هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون رهن. اين ايس ايم سي ڊبليو جي ٻڌايو ته هي ميٽا سان هڪ نتيجاخيز ۽ ڪارائتي پهرين ڳالهه ٻولهه هئي ۽ ورڪنگ گروپ ڊيجيٽل سيڙپڪاري جي لاءِ مشاورت جاري رکي آهي جيڪا ڊگهي مدي واري پ??ئيدار اقتصادي ترقي کي سگهه ڏيندي. اسان ان ڏس ۾ ميٽا جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا جيڪا نه رڳو مقامي رابطي جي ڪوششن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي پ?? اها پاڪستاني ڪاروبارن ۽ تخليقڪارن جي لاءِ پنهنجي پليٽ فارمز تي بامعنيٰ، اعتماد جوڳي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا به ڳولي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هي حڪومت ۽ ميٽا جي وچ ۾ پهريون اجلاس ٿيو آهي جنهن پاڪستان حڪومت ۽ ميٽا ۾ شروع ٿيندڙ ڪيترن ئي مصروفيتن جو تعين ڪيو آهي ڇو ته ٻئي سڄي ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي ۽ شموليت کي وڌائڻ جو وچن ڪن ٿا.