اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??الي مدد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي عطئي جي جاچ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي ??نڊنگ جو باقاعده سياسي بنياد آهي. ٽوئيٽ?? تي جاري ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمرا?? خان چيو ته هو اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??الي مدد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي عطئي جي جاچ جي آجيان ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي اڪائونٽس جي جيتري وڌي جاچ پڙتال ٿيندي قوم جي سامهون ايتريون ئي وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون ته هو ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي ??نڊنگ جو باقاعده سياسي بنياد آهي، وزيراعظم چيو ته هو اليڪشن ڪميشن پاران 2 ٻين وڏين سياسي پارٽين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??نڊنگ جي اهڙي طرح جاچ پڙتال جا منتظر آهن. ان سان قوم باقاعده سياسي فنڊنگ ۽ من پ??ند سيڙپڪارن ۽ ذاتي مفاد لاءِ قوم جي ??يمت تي احسان جي ذريعي ڀتو وٺڻ جو فرق ڄاڻي سگهندي.