اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته مالياتي پابندين ۽ منجمند اثاثن افغانستان جي بئنڪنگ نظام کي مفلوج ڪر?? ڇڏيو آهي، افغانستان تي پابنديون دهشتگردي جي خاتمي ۽ اسمگلنگ جي مقصدن کي ختم ڪر?? سگهن ٿيون، منجمند اثاثا انساني مقصدن لاءِ فنڊن جي منتقلي ۾ رڪاوٽ آهن، انساني جانيون بچائڻ لاءِ پابندين تي نظرثاڻي اڻٽر آهي. خميس ڏينهن ”خليج ٽائمز“ ۾ شايع پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ پرڏيهي وزير چي?? ته افغانستان جي منجمند اثاثن جي بحالي انساني جانيون بچائڻ لاءِ انتهائي اڻٽر آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ دير معاشي بدحالي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.هن چي?? ته ان قسم جو منظرنامو دهشتگردي جي خاتمي ۽ اسمگلنگ جي اسان جي گڏيل مقصدن کي ختم ڪر?? سگهي ٿو. هن چي?? ته منجمند اثاثا پبلڪ سروسز، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم شعبن ۾ ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي ۾ بنيادي رڪاوٽ به آهن، پرڏيهي وزير چي?? ته افغانستان جي عوام کي فوري ڌيان گهربل آهي، افغانستان کي متاثر ڪ??دڙ انساني الميي شايد اڄ دنيا جو بدترين الميو آهي، گڏيل قومون خطري جو ادارڪ ڪيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتيونيو گيوترس چي?? ته افغان عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن جي جنگ ۽ عدم تحفظ کانپوءِ مشڪل ترين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن چي?? ته ڪيترن ئي ڊونرز، گڏيل قومن، عالمي تنظيمن ۽ انساني همدردي جي ادارن جي فراخدلي جي ڪر?? کاڌي پيتي جون شيون ۽ زندگي بچائي??دڙ ٻين اهم شين جي فراهمي جي ذريعي مدد ڪئي وئي آهي، محدود وسيلن جي باوجود پاڪستان 3 ڪر??ڙ ڊالر کان وڌيڪ انساني همدردي جي بنياد تي مدد فراهم ڪر?? رهيو آهي، ان هيومينٽرين سپلائز لاءِ فضائي ۽ زميني برج فراهم ڪيو ۽ راهداري واپاري ۾ سهولت ڏني تنهن هوندي به اڃان به تمام گهڻي انساني همدردي ۽ ٻي مدد جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چي?? ته گڏيل قومن جو ڪاٿو آهي ته 5 لک افغان شهري داخلي طور تي بي گهر ٿيا آهن، تقريبن 22.8 ملين افغان ماڻهن کي شديد غذائي کوٽ درپيش آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب هل??دڙ سردي جي موسم ۾ لکين افغاني رهواسين کي بک يا لڏپلاڻ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، ميڊيا رپورٽس مان اشارو ملي ٿو ته هزارين افغاني ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهن، ڊگهي تڪرار، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڏڪار، شهري علائقن ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ رنڊڪ ۽ ڪورونا جي سماجي ۽ اقتصادي اثرن جي نتيجي ۾ افغانستان جي عوام کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن، شاهه محمود قريشي چي?? ته شديد سردي جي موسم ۽ ڏورانهن علائقن جي بنياد تي افغانستان ۾ ض??ور?? شين جي چرپر جا چئلينجز به درپيش آهن، گورننس جو نازڪ ڍانچو، سرمائي جي شديد کوٽ ۽ مالياتي پابنديون ملڪ ۾ اقتصادي طور تي شديد مشڪل صورتحال جي عڪاسي ڪن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ انساني مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. پريهي وزير چي?? ته افغان عوام کي هاڻي اڪيلو ڇڏڻ جو وقت ??ه آهي ۽ کين اڪيلو ڇڏڻ هڪ الميو هوندو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، تڪرار، عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جنم وٺي سگهي ٿي، هن چي?? ته عالمي برادري جي افغانستان ۾ انساني حقن جي صورتحال ۽ اقتدار حصيداري جي حالت تي خدشا جائز آهن ۽ انهن خدشن جو سول، سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي سطح تي ازالو ٿيڻ گهرجي. هن چي?? ته افغانستان جي اندر افغان عوام جي مدد به ض??ور?? آهي، هن چي?? ته عام افغان شهري نه ته اڳوڻي حڪمرانن جي ناڪامين جا ذميدار آهن نه ئي کين تازي واقعن جي سزا ڏيڻ گهرجي، پرڏيهي وزير چي?? ته اهو بحران اسان کي موقعو فراهم ڪر?? ٿو ته افغانستان لاءِ امن، سيڪيورٽي، ترقي ۽ انساني حقن لاءِ رستو هموار ڪيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ اسان کي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سياسي ۽ اقتصادي رابطن جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزير چي?? ته اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس جي اسلام آباد ۾ 19 ڊسمبر تي ميزباني ڪر?? رهيو آهي، اجلاس جو مقصد افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي ۽ افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ موثر چئلينج ۽ مدد ڪرڻ آهي، او آءِ سي گڏيل قومن کانپوءِ ٻي وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي ۽ افغان عوام جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي، پاڪستان اميد ڪر?? ٿو ته او آءِ سي ميمبر ملڪ ۽ عالمي برادري ان مشڪل وقت ۾ افغان عوام کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندا.