اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي و??يرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجل??س کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙيو پيو وڃي. اجل??س کي ملڪي معدنيات جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخيرا پڻ موجود آهن. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجل??س کي آگاهه ڪيو ويو. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخيرا پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اجل??س کي ٻڌايو ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجل??س کي چئين صوبن کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذخيرن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قد??تي و??يلن سان مالامال آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.