اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته افغانستان لاءِ وسيلن جي دستيابيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي، افغانستان جا فنڊ رڳي ڪافي نه هوندا، عالمي برادريءَ کي افغانستان کي مالي بحران کان بچائڻ ۽ معاونت لاءِ اڳيان وڌڻ جي ضرورت آهي. وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد اسپين ??ي هم منصب جوزي البرس سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چي?? ته پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ اونها ٻه طرفه ناتا آهن. هن چي?? ته مون اسپين جي پرڏيهي وزير کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي پ??ڪس??ان جي نقطه نظر کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي حوالي سان پ??ڪس??ان ۽ اسپين جو نقطه نظر هڪجهڙو آهي، ٻئي ملڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهين ٿا پر سوال اهو آهي ته ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. شاهه محمود قريشي چي?? ته اسپائيلرز دوحه ۾ بين الافغان ڳالهين کي حتمي نتيجي تائين پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن بين الافغان ڳالهيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ها ته صورتحال مختلف ه??ي ها، دنيا کي افغانستان ۾ نئين حقيقت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چي?? ته عالمي برادريءَ کي افغانستان جي مدد لاءِ اڳيان وڌڻو پوندو. موجوده صورتحال ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جا اثر شديد نوعيت جا ٿي سگهن ٿا، اسان کي افغانستان طرف هاڪاري رويي جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چي?? ته گذريل ڏينهن ڪابل کان 200 ماڻهن کي کڻي هڪ اُڏام دوحه پهتي. افغانستان مان واپسيءَ جو انتظار ڪندڙ ماڻهن جي محفوظ واپسي عالمي برادريءَ جي خواهشن موجب آهي. پ??ڪس??ان افغانستان جي مدد جاري رکندو. هوائي ۽ زميني رستن وسيلي افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي معاونت جاري رهندي. هن چي?? ته افغانستان جو معاشي بحران ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. شاهه محمود قريشي چي?? ته مون ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پ??ڪس??ان طرفان کنيل ٺوس عملي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ جي ايس پي پلس درجي جي حوالي سان اسپين طرفان پ??ڪس??ان جي مسلسل حمايت تي اسپين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا، اسان پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ پنجين سالياني مشاورتي اجلاس جي جلد منعقد ٿيڻ جي انتظار ۾ آهيون. اسپين لاءِ پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاريءَ جا بهترين موقعا موجود آهن. پ??ڪس??ان جي بهتر صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪئي آهي. مون انهي تناظر ۾ اسپين جي پرڏيهي وزير سان پ??ڪس??ان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ٿيون. جنهن ۾ پ??ڪس??اني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جڏهن ته اسپين جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزير جوزي البرس ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي چي?? ته پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ گهرا ۽ ٻه طرفه لاڳاپا آهن، اسپين يورپي يونين جو اهم ملڪ هئڻ جي ناتي پڻ اسان لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. هن چي?? ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران جنهن گهرو ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اهو في الحال ٽري چڪو آهي، جڏهن ته طالبان طرفان عام معافي، افغانين جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان سامهون آيل شروعاتي بيان حوصلو ڏيندڙ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چي?? ته پ??ڪس??ان افغان امن عمل ۾ ڀرپور ٽياڪڙي ج?? ڪردار ادا ڪيو. چئن ڏهاڪن بعد افغانستان ۾ امن جي اُميد پيدا ٿي آهي جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي. ان نازڪ مرحلي تي جيڪڏهن دُرست فيصلا نه ڪيا ويا ۽ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته ان جا خراب اثر ظاهر ٿيندا. شاهه محمود قريشي چي?? ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن کي مستقبل لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پ??ڪس??ان 30 کان وڌيڪ ملڪن جي 12 هزار ماڻهن کي ڪابل مان محفوظ واپسيءَ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چي?? ته مون کي خوشي آهي ته توهان جو هي دؤرو ان موقعي تي ٿي رهيو آهي جڏهن پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ ڪامياب سفارتي ناتن کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي آهن. اسپين يورپي يونين ۾ پ??ڪس??ان جو ٽيون وڏو واپاري شراڪتدار آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ دفاعي پيداوار سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي ه??ي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته اسپين پ??ڪس??اني مسافرن لاءِ ٽريول ايڊوائيزريءَ تي نظرثاني ڪندو. اسپين جي پرڏيهي وزير شاندار استقبال ڪرڻ تي مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا ۽ اسپين ۾ ترسيل پ??ڪس??اني برادريءَ ??ي هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪس??ان ۽ اسپين وچ ۾ سياسي مشاورتي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جو عزم ورجايو.