اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر برطانوي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ تجويز ڪيل پاڪست??ن ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو مقصد ميڊيا جي ترقي ۽ موثر استحڪام جي لاءِ ٺوس موقف کي يقيني بڻائڻ ۽ ميڊيا پريڪٽيشنرز ۽ ڪنزيومرز کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جي جمهوري قدرن جو تحفظ، فروغ ۽ تنقيد جو حق ڪنهن به مهذب جمهوري معاشري جي لاءِ لازمي آهي. چوڌري فواد حسين برطانوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا جي ادارن کي هلائي رهيون آهن جن ۾ پيمرا، پريس ڪائونسل آف پاڪستان، پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي، سينٽرل بورڊ آف فلمز سينسرز، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايپملائيز شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن ريگيوليشن جي موجوده طريقيڪار تحت اٽڪل اڌ درجن فرسوده قانون موجود آهن جيڪي ميڊيا جي جديد دور جي گهرجن کي پورو نه ٿا ڪن. هن چيو ته تجويز ڪيل فريم ورڪ عالمي طريقن موجب چئلينجز کي ختم ڪندو ته جيئن پاڪستان کي ملٽي ميڊيا انفارميشن اينڊ ڪانٽينٽ سروسز جي لاءِ هڪ وڏو عالمي مرڪز بڻائي سگهجي. اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر چيو ته اسان جديد دور جي گهرجن موجب هڪ وا??د قانون آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ميڊيا پليٽ فارمز ۽ شهرين جي لاءِ سهولتن تي ڌيان هجي. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪست??ن ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ترقي، جدت، ڊيجيٽل معيشت تربيت ۽ تحقيق تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪست??ن ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ پريس ڊائريڪٽوريٽ، ڊيجيٽل ميڊيا اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ، ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل هوندا. هن چيو ته هڪ جمهوري معاشرو هجڻ جي ڪري پاڪستان ۾ ميڊيا جو هڪ متحرڪ منظرنامو آهي، پاڪستان ۾ 114 سيٽلائيٽ ٽيليويزن چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن مان 31 نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز جا چينلز آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ايف ايم چينلز جو مجموعي ا??گ 258 آهي جن مان 196 ڪمرشل ۽ 62 نان ڪمرشل آهن. هن ٻڌايو ته اطلاعات وا??ي مملڪتي وز??ر جي صدارت ۾ قائم ڪميٽي نجي شعبي جي ڌرين س??ن مشاورت جو سلسلو جاري رکيو آهي، ان ڪميٽي ا?? پي ا??ن ايس، سي پي ا??ن اين، پي بي ا?? ۽ پي ا??ف يو جي جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن سان اجلاس منعقد ڪيا آهن. ??ن موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ا??م ڊي ا?? جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي يقين ڏياريو وڃي ته هي ا??ارٽي صحافين جي سهولت لاءِ آهي جڏهن ته ان سان تنقيد جو حق متاثر نه ٿيندو. ملاقات ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر اميد ظاهر ڪئي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي ڇو ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 جي ا??گن اکرن جي حوالي سان برطانيا جا ڪيترائي خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.