اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جه??ڊو ڦڙڪائڻ ??ي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪس??ان سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. مزار قائد ?? مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جه??ڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ ??ان ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪس??ان جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪس??ان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جه??ڊا ڦڙڪايا ويا، جه??ڊو ڦڙڪائڻ ??ي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جه??ڊو ڦڙڪائڻ ??ون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جه??ڊا، جه??ڊيون پاڪس??ان جي بانين ۽ تحريڪ پاڪس??ان جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪس??ان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪس??ان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي حوالي سان خصوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جه??ڊو ڦڙڪائڻ ??ي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ ??و حق ڏنو.