فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ ??ڻڪ??ري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ڻڪ??ري مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم ??مر??ن خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي ??ڻڪ??ري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم ??مر??ن خان جي ??ڻڪ??ري مهم کي پوري دنيا س??راهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.