اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ?? پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع حڪمت عم??ي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ??رجيح هيٺين ??بقي جي مالي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب پاڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري و??اق?? وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين ??لطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين ??رڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب هنرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب پاڪستان هائوسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.