في??ل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود شين جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه ??يڪ ڪيا جڏهن ته خ??يدارن کان شين جي قيمتن ۽ معيار بابت پڻ معلوم ڪيو. مملڪتي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ ويجهو ۽ سمندري روڊ چناب گارڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين کان کاڌي پيتي جي شين جي مقدار ۽ معيار بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ شين جو وزن ڪري انهن جي مقدار چيڪ ڪرڻ سميت انهن تي لکيل تيا??ي جي تاريخ پڻ چيڪ ڪئي.