اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊا??ٽر عشرت حسين چيو آهي ته ماض?? جي حڪومتن اسٽل مل، پي آءِ اي، ??يلوي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي ادارن کي ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيُون، جنهن جي ڪري ادارن جي فعاليت ۽ ڪارڪردگي بهتر نه ٿي سگهي، پهريون ڀيرو شفاف انداز سان 45 ادارن جي سربراهن جي مروجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مقرريون ڪيون ويون آهن، ريلوي ۾ ريگوليٽري کي ڌار ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 ڪمپنيون ٺاهڻ، اسٽيل مل پرائيويٽ سي??ٽر کي ليز تي فراهم ڪرڻ ۽ پي آءِ ا?? جي اڌ ملازمن کي والنٽيئر هينڊشيڪ ڏئي گهرن ڀيڙو ڪيو ويندو، ايف بي آر ۾ ٽيڪس پيئر جي معاملن ۽ ريفن?? جي عمل کانپوءِ انڪم ٽيڪس معاملن کي به آٽوميشن تي آڻڻ جو منصوبو آهي، پهريون ڀيرو اعليٰ اختياراتي بورڊ پاران گريڊ 21، 22 جي ترقين جي عمل کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وفاقي، ??وبائي ۽ مقامي ادارن اين او سي، لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽس جي پيچيده عمل کي آسانيون بڻايو پيو وڃي ته جئين ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آسانين سان روزگار جا نوان مو??عا پيدا ٿي سگهندا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.