اسلام ??باد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، معيشت جي استحڪام لاءِ امن ۽ سياسي استحڪام ??روري آهي، اسان چاهيون ٿ?? ته ادارا مضبوط هجن، انهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، آزاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو ??يانيو آهي، مخالف ڌر کي ا??ڙو بيانيو نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪورونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام گهرجي. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمبرن پاران پشآور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي حوا??ي سان اٿاريل نقطن جو ??واب ڏيندي ڪيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو ??ظهار ڪيو ويو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم به ان حوا??ي سان پنهنجو ??يان جاري ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوا??ي سان اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ويو آهي، گستاخي رسول ﷺ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.