ڪوئيٽا– 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??لو??ستان ۾ زرعي ترقي جي لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، جن??ن کي بهتر حڪمت عملي سان استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، صوبي ۾ ڪراپس ايڊنٽي فڪيشن جي لاءِ اسپارڪو سان ويجها رابطا قائم ڪري جديد ٽيڪنيڪ مان فائدو کنيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ۾ زرعي ترقي ۽ توسيع بابت منعقد اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.