لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد م??ند??. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد م??ند??. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ ??وران ماحولياتي نظام تي من??ي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.