ڪراچي – 11 جولاءِ (اي پي پي) ملير ۾ زمينن ??ي قبضن جون هلندڙ خبرن تي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌاسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عا??ل شيخ پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڪمند معاملي تي احتجاج ڪرڻ بعد پيپلزپارٽي منهنجو آواز بند ڪرائڻ لاءِ مختلف قسم جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي گذريل ٻن سالن کان پيپلزپارٽي وارا منهنجي ۽ منهنجي عزيزن خلاف مختلف درخواستون ڪري رهيا آهن جيڪي ڪوڙيون ثابت ٿيون آهن. 2019ع ۾ زمينن ??ي قبضي بابت ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي اي سي سي ڪميٽي، جنهن جي اڳواڻي چيف سيڪريٽري ڪندو آهي سمورا و??ا آفيسر ڪميٽي ۾ شامل هوندا آهن ڪيس کي رد ڪري روينيو ۾ موڪليو هو جتا?? به اهو ڪيس رد ٿي چڪو آهي.