اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي تر??يءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ تر?? قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب تر??يءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان تر??يءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کني?? قدمن کان آگاهه ڪيو.