مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سيد عبدالله گيلاني ۽ سيد فيض نقشبندي جي قيادت ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد مظفرآباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ عبدالمجيد ملڪ، سيد اعجاز رحماني، ش??خ محمد يعقوب، عبدالمجيد مير، ش??خ عبدالمتين ۽ جاويد اقبال بٽ شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي، ڪ??مير معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، ڪ??مير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.