اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ م??حده عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، خميس ڏينهن متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان جاري پڌرنامي موجب يو اي اي جي ولي عهد پاڪستان جي هڪ ڏينهن تي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ولي عهد سان گڏ ڪابينا ميم??رن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به هو.