اسلام آباد – 04 آگسٽ(اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۾ خر??ن ۾ گهٽتائي ڪئي ??ئي آهي ۽ سادگي واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ سوال?? جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز ۽ ٻين ميمبر?? جي سوال?? جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر ايوان کي ٻڌايو ته وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۽ صوبن ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسن ۾ 40 گاڏيون وڌيڪ ناهن ۽ انهن تي خر??ن ۾ به ڪٽوتي ڪئي ??ئي آهي ته جيئن سادگي واري پاليسي تحت بچت کي يقيني بڻائي سگهجي.