اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي شعبي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين، نوجوان ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿ??و، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، نوجوانن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، نوجوانن جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيرا??ظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري، وزيرا??ظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا ف??طمه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهيج نهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي ٽرينرز، ڪوچ ۽ والدين جي دعائن سان پاڪستان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. پاڪستان ٻين ميدانن ۾ جيڪڏهن سستي ڏيکاري آهي ته انهن نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اڄ 5 ارب رپين جو وزيرا??ظم فنڊ جو اعلان وفاقي وزير احسان الرحمان ڪيو. وفاقي وزير ۽ خاص معاون تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ان 5 ارب رپين ۾ رانديگرن جي ٽڪيٽس، لاجسٽڪس، رهائش ۽ ڪٽس شامل هونديون. اهي 5 ارب رپيا پوري ملڪ جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. ڪروڙين نوجوانن کي جيڪڏهن صحيح ماحول ۽ سهولتون ملي ته دنيا جي بهترين ٽيمن کان اهي اڳتي نڪري سگهن ٿا. وزيرا??ظم چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون ان بجيٽ کي وڌائينديون. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جو گذريل ڏينهن اضافو ٿ??و آهي. چين جي بئنڪ اها رقم رول اوور ڪئي، اها معمولي ڳالهه نه آهي، اسان احسان ڪندڙن کي ياد رکون ٿا. وزيرا??ظم چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. اسان جي دعا آهي ته انهن ذخيرن ۾ قرضن بدران اسان جي رت پگهر ۽ محنت سان اضافو ٿئي. اسپيشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل ??اصل ڪندڙ پنهنجي ٻارن کان اسان کي سبق ۽ همت حاصل ڪرڻ گهرجي. اهي ٻار هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيا آهن، انهن جي ئي محنت جي ڪري پاڪستان اڳتي وڌندو. وزيرا??ظم يقين ڏياريو ته جيڪڏهن الله ٻيهر موقعو ڏنو ته قوم جي انهن ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ ۽ سجائڻ ۾ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهو سڀ الله ۽ ان کانپوءِ قوم جي هٿ ۾ آهي. وزيرا??ظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا ف??طمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) راندين جي فروغ کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، شهباز شريف بطور وزيرا??ظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس کي بحال ڪيو آهي. حڪومت ٽيلينٽ ه??ٽ ڪرايا آهن. هن مهيني جي آخر ۾ قومي سطح تي مقابلا هوندا. اسپورٽس انيشي ايٽو تحت راندين جي فروغ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا. انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي ان ۾ هر سال اضافو ٿ??ندو. ان سان اڳوڻي رانديگرن کي به مالي امداد ملندي. فوري طور تي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. تقريب کي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل چار سالن ۾ راندين جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو. محدود وسيلن جي باوجود راندين جي شعبي جي بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.ر اندين جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسپورٽس انيشي ايتو موجوده حڪومت جي راند دوستي جو ثبوت آهي. وزيرا??ظم ان موقعي تي چترال سان تعلق رکندڙ ٽيبل ٽينس جي اسپيشل رانديگر الطاف الرحمان کي اسپورٽس ويل چيئر جي خريداري جي لاءِ ساڍا 3 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيرا??ظم اسپيشل اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪندڙ رانديگرن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيرا??ظم ان موقعي تي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو افتتاح پڻ ڪيو.