اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مدد??ار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چي?? آهي ته ڪريانه اسٽورن جي نظام جي ڊجي??لا??يزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قد?? کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چي?? ته بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيح?? جو تعين ڪيو ويو آهي، معاشي سرگرمي?? جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلات?? جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهار??ار طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳايو ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چي?? ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ٽيلي ڪام ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هن چي?? ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آهي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، هن چي?? ته 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چي?? ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.