اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو اهو شاندار ڏينهن آهي ??ڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌ??ر وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌڻ ??ي پختي عزم جو اظهار ڪيو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد جو باقاعده آ??از ٿيو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پاڪستان کي قاعداعظم جي سنهري اصولن موجب فلاحي رياست بڻائينداسين.