اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) عشره رحمت اللعالمين ﷺ جي سلسلي ۾ نعت خواني جو ڪل پاڪستان مقابلو ريڊيو پاڪستان اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب خاص هئا.
ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن جا ا??ليٰ آفيسر به موجود هئا. مقابلي ۾ سڄي ملڪ ما?? 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۽ ٻارڙين کانسواءِ 15 کان 25 سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٻن ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندڙ ثناءُ خوان مصطفيٰ شرڪت ڪئي. 15 سالن کان گهٽ عمر جي ڪيٽيگري ۾ سنڌ ما?? حسن ع??ي شاهه ۽ ٻارڙين ۾ سنڌ ما?? ثنيه اول انعام حاصل ڪيا.
پنجاب صوبي ما?? علي رضا ۽ خيبرپختونخوا صوبي ما?? ايمان خالد ٻ??و انعام حاصل ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخوا ما?? ئي حنيف محمد ۽ نورالهديٰ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، 15 کان 25 سالن تائين ٻي ڪيٽيگري ۾ عذير عالم ۽ عائشه اڪبر اول جڏهن ته خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ سعيد احمد شاهه ۽ مغيره بتول ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، پنجاب جي معين الحق ۽ سنڌ ما?? نور خان نعتيه مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، حوصلا افائي جو انعام نور کان محروم ٻارڙي حرا ڪائنات کي ڏنو ويو.