لاهور-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان واضح طور تي چي?? آهي ته پينڊورا پيپرز جي حوالي سان جاچ ڪئي ويندي ۽ـ جيڪو به ڏوهاري قرار ڏنو ويندو ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. مريم نواز فوج سميت ٻين ادارن خلاف سنگين بيان ڏئي رهي آهي، سندس بيان ادارن خلاف غير ذميواراڻه آهن، شهباز شريف ??فا??مت جي ڳالهه ڪري ٿو ته مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي، (ن) ليگ اڄ جتي بيٺل آهي ان جي ذميوار به مريم نواز آهي، سڀاڻي سندن سياست ختم ٿي ??ه ان جي ذميوار به مريم نواز هوندي. ٻن سالن بعد جڏهن اليڪشن ٿيندي ته پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهي?? آهيان، وزيراعظم عمران خان جو ساٿي ??هيان ساڻس گڏ رهندس. افغانستان ۾ امن ٿيڻ ضروري آهي، افغانستان جو استحڪام پاڪستان جو استحڪام آهي، پاڪستان ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ بنا افغانستان جي امداد جاري رکندو. نادرا ميگا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پنجاب جي وڏي وزير سان به ملاقات ٿي ??هي جنهن ۾ وقار النساءِ يونيورسٽي ۽ ناله لئي جي افتتاح جي باري ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ??هي. هن چيو ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي جي حوالي سان آءِ جي ايف سي ر??بطي ۾ آهيان، جڏهن ته اسان جي فورسز جا ج??ان اتي ڪم ۾ مصروف آهن. شيخ رشيد احمد چيو ته اين سي او سي زبردست ڪم ڪيو جنهن جي سڄي دنيا اعتراف ڪري رهي آهي پر ملڪ دشمن عنصر ويڪسي نيشن جي عمل کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري دشمنن جي هٿ کي مضبوط ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪورونا تي بنا پابندين جي بهتر انداز سان ڪنٽرول ڪي?? آهي. گهرو وزير چيو ته مريم نواز فوج خلاف سنگين بيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي هزارين نوج??ان پنهنجون حياتيون قربان ڪري ملڪ جو دفاع ڪي?? آهي. هن چيو ته نواز شريف جو وقت گذري چڪ?? آهي، شهباز شريف ??فا??مت جي ڳالهه ڪري ٿو پر مريم نواز ان تي ٻوهارو ڦيري ڇڏي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته فوج ۾ مقرريون ۽ بدليون معمول جو حص?? آهن، انهن کي نشانو بڻائڻ غير ذميداريءَ جي انتها آهي. هن چيو ته فوج هميشه تحمل جو مظاهرو ڪي?? آهي، زلزلي آفتن ۽ ٻوڏ هر هنڌ فوج مدد لاءِ پهچندي آهي، جڏهن ته برطانيه ۽ آمريڪا ۾ امدادي ڪمن لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويند?? آهي. هن چيو ته (ن) ڪنهن هڪ فرد تي نه پر اداري تي تنقيد ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته هاڻي ثابت ٿي وي?? آهي ته ڀارت سڌي ريت ملوث هو جيتري سيڪيورٽي اسان نيوزيلينڊ کي ڏني اوتري ته ان جي فوج به ناهي. شيخ رشيد احمد چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ جي صورت ۾ نئون اتحاد ٿيندي ڏسي رهي?? آهيان جڏهن ته عمران خان جو ساٿي هئس ۽ ان سان ئي گڏ رهندس.