اسلام آباد – 07 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلز??ي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلز??ي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪو??ت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.