اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) برطانوي وزيراعظم بورس جانسن وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته سمورن افغانين جو تحف??، سلامتي ۽ حقن جو احترام يقيني بڻائڻ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ هڪ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان سفارتي، عالمي ادارن جي عملي ۽ ٻين ??اڻهن جي نڪرڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان رابطن ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻط??في تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان پاڪستان پاران ڪو??يڊ 19 تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ کنيل وسيع قدمن تي روشني وڌي ۽ چيو ته لاڳاپيل ڊيٽا برطانيا سان شيئر ڪئي وئي هئي. وزيراعظم بورس جانسن کان پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.