اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي ترڪي ۾ منعقد انطاليه سفارتي فورم جي موقعي تي اقتصادي سهڪار تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل هادي سليمان پور سان غير رسمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان جي متحرڪ ڪردار، ??ي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جو باني ميمبر هجڻ جي حيثيت سان علائقائي اتحاد ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پر عزم آهي، پاڪستان اقتصادي سهڪار تنظيم جي فريم ورڪ جي روش??ي ۾ ميمبر ملڪن سان گڏيل واپار، ??قتصادي ترقي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مصالحاڻيون ڪوششون ڪتب آڻي رهيو آهي.