اسلام آباد ??? 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري ??وري ??ي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري ??وران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دوري ??وران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري ??وران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.