اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اولي?? ترجيح آهي، ڪووڊ – 19 بابت چئلينجن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، گھٽ آمدني وارن ملڪن کي برابر، وقت سر ۽ وڏي پئماني تي ڪووڊ – 19 ويڪسين فراهمي جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ڳالهين دو??ان ڪووڊ – 19 ??با جي تازه ترين صورتحال، پوليو جي خاتمي جي مهم، صحت، ترقي??تي معاملن ۽ ماحولي??تي تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.